رکيل شاهه

رکيل شاهه

رکيل شاهه

رکيل شاهه (شاعر): نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه جو جنم، 16 مارچ 1846ع تي بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ عراق جا رهاڪو هئا، جيڪي خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ لڏي اچي ايران جي شهر شيراز ۾ ويٺا، جتان بعد ۾ بلوچستان جي تعلقي ميرپور ۽ بعد ۾ درگاهه فتح پور گندا واهه ۾ مقيم ٿيا. سيد رکيل شاهه کي اٺن سالن جي ڄمار ۾ ڳوٺ جي مولويءَ وٽ تعليم لاءِ ويهاريو ويو، جتي قرآن شريف کان سواءِ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به حاصل ڪيائين. چوڏهن سالن جي عمر ۾ جرڳي جي رڪنيت مليس، ان ڪري امرائن سان ميل جول ٿيس. رکيل شاهه کان اڳ سندس خاندان مان عزيز شاهه، ميان اول شاهه ۽ ميان عبدالنبي شاهه ناليوارا بزرگ ٿي گذريا آهن. سيد رکيل شاهه تي سندس وڏي ڀاءُ ميان عبدالنبي شاهه جو تمام گهڻو اثر هو ۽ پاڻ ان جي خدمت ۾ رهندو هو.
ڪنهيا لال ’بحر العشق‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”ميان عبدالنبي شاهه، هڪ ڏينهن رکيل شاهه کي چيو ته اسان کي تلقين ڪرڻ جو امر ڪونهي، تنهنڪري پنهنجي امانت حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جهوڪ شريف ڏي وڃي پنهنجي امانت حاصل ڪر“.
ڪجهه ڏينهن بعد ميان عبدالنبي شاهه وفات ڪري ويو. هيءُ ڀاءُ جي ٽيجهي جو ختمو ڪري، چوٿين ڏينهن جهوڪ شريف وڃڻ لاءِ نڪتو، پهرين روهڙيءَ ۾ آيو ۽ اتي ئي شاهه عنايت جي خليفي جان الله شاهه جي درگاهه تي حاضري ڀريائين ۽ گادي نشين ميان علي اڪبر شاهه سان ملاقات ڪرڻ بعد جهوڪ شريف پنڌ پيو. جهوڪ شريف پهچي گادي نشين عبدالستار صوفي القادريءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين. خان آف قلات جي ساڻس عقيدتمندي هئي، کيس زمين به ڏنائين. هيءُ قادرالڪلام شاعر هو، سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، بلوچي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪلام جو موضوع عشق ۽ تصوف آهي. هن خاص طور ڪافيءَ جي صنف ۾ پنهنجي فڪر ۽ نظريي جي پرچار ڪئي آهي. رکيل شاهه ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فني پختگيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، کيس چئن پٽن جو اولاد هو، جن ۾: سخي عبدالغني شاهه، محمد ڪامل شاهه، صوفي معصوم شاهه ۽ صوفي سائين چيزل شاهه شامل آهن، جن مان چيزل شاهه پيءُ وانگر صوفي شاعر ۽ بزرگ هو. سندس درگاهه فتحپور ۾ تمام گهڻي مشهور آهي. هن درگاهه تي هر سال ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند اچي گڏ ٿيندا آهن. ان موقعي تي مزار جي دروازي جي سامهون رکيل شاهه جو ڪلام ڳايو ويندو آهي. ميلي ۾ راڳ جي محفل پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ مشهور فنڪار سندس ڪلام ڳائيندا آهن. رکيل شاهه جي ڪلام ۽ سموري زندگيءَ جي احوال کي سهيڙي ’بحرالعشق‘ جي نالي سان 1987ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپايو ويو آهي. هن صوفي بزرگ 1940ع ۾ وفات ڪئي. رکيل شاهه جي شاعري ڪيترن ئي صوفي فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي، سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ڪين ڪمايون ڪين ۾، ڄاڻ ته مان ڪجهه نه ڪيو،
حجتي لعنتي ملامتي، سچي سخن چيو،
مجاهدو ڪري ڏس من ۾، اندر پائي لعل ليو،
شاهه رکيل ناهي ٻيو، حق سڃاڻي هڪ ٿو ڏسان.


لفظ رکيل شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1846.03.16  عيسوي

نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاهه ولد نور محمد شاهه جو جنم، 16 مارچ 1846ع تي بلوچستان جي ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلال شاهه
ٺاڪرداس ڀاونداس تولاڻي ٺاڪر
اياز شيخ مبارڪ علي
بلند شاهه
عبدالله خواب حيدرآبادي
سجاد ميراڻي
اندرا شبنم
راشدي سيد ڪليم الله شاهه
ساحر راهو
ڀٽي مخدوم عبدالرؤف هالائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون